پيرو محمد سائل

پيرو محمد سائل: پيرو محمد سائل هالائيءَ 19 فيبروي 1884ع تي جنم ورتو. ابتدائي تعليم قرآن شريف پڙهي پوري ڪيائين. ان کانپوءِ لائق استادن وٽ پڙهيو ۽ قرآن شريف جو حافظ ٿيو. سندس ديني استاد مولانا حسين احمد مدني هو. پيرو محمد سائل نه رڳو اعليٰ صفت بزرگ هو، پر قومي خدمتگار جي حيثيت سان به سندس خدمتون قابلِ تحسين آهن. تحريڪ خلافت ۾ هن سنڌ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ان خلافت جي تحريڪ دوران کيس جيل به اماڻيو ويو. پيرو محمد سائل هالائي قومي درد رکندڙ قومي خدمتگار بلند پايه شاعر به هو. سندس قلم ۾ جادو هو. سندس شاعري اسلامي ۽ ديني آهي، جنهن ۾ سلاست، فصاحت، بلاغت ۽ نزاڪت جون خوبيون نظر اچن ٿيون. هن 1959ع ڌاري وفات ڪئي.


لفظ پيرو محمد سائلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو